جده – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ پابندين جي جلد خاتمي، ڪشميرين جي آزادي ۽ حقن جي احترام کي يقيني بڻائڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن ??هڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي دوري دوران سعودي قيادت سان ملاقاتن ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم عمر??ن خان سعودي عرب جي دوري دوران سعودي قيادت سان اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم سعودي ولي عهد، نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير شهزاده محمد بن سلمان ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena