اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) اڏار پاڪستان منصوبي تحت ايندڙ پنجن سالن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فري لانسنگ انڊسٽري کي 5 ار?? ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته 2025ع کان 2035ع تائين مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جو ڳاڻيٽو هڪ کر?? ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي 81 مهينن جي گهٽ ترين 4.1 س??ڪڙ?? جي سطح تي آهي. پلاننگ ڪميشن طرفان جاري ڪيل تفصيلن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جون معاشي حالتون اڄ عالمي ادارن جي اميدن کان وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکاري رهيون آهن، ڏيوالپڻي جي خطرن جي ور چڙهي?? معيشت اڄ مستحڪم ترين معيشتن ۾ شامل آهي. مهانگائي 81 مهينن جي گهٽ ترين 4.1 س??ڪڙ?? جي سطح تي آهي. ڊسمبر 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح 29.7 س??ڪڙ?? جي سطح تي هئي. مالي سال 25 جي پهرين 6 مهينن ۾ معيشت استحڪام سان مضبوطي جو سفر طئي ڪري چڪي آهي. مالي سال 25ع جي پهرين 5 مهينن ۾ پرڏيهي ملڪن مان موڪليل ناڻو 15 ار?? ڊالر جي مثالي سطح تي آهن، مالي سال 25ع جي تڪميل تائين مٽاسٽا جو ناڻو 35 ار?? ڊالرن جي سطح تائين پهچڻ جي اميد آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 22 سالن جي سڀ کان وڌيڪ مثبت سطح تي آهي، جيڪا پور دنيا جي بهترين ڪارڪردگي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج سڄي دنيا ۾ ٻي ۽ ايشيا ۾ پهرين بهترين ڪارڪردگي واري اسٽاڪ ايڪسچينج آهي. سيڙپڪاري جي ماحول کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي سفر ۾ 9 س??ڪڙ?? جي تاريخي گهٽتائي ٿي آهي، پاليسي ريٽ 22 س??ڪڙ?? کان 13 س??ڪڙ?? جي سطح تي آندو ويو. هلندڙ مالي سال پهرين ڇهه ماهي ۾ روانگي واپار 10.52 ۽ آمدني واپار ۾ 6.11 س??ڪڙ?? اضافو رڪارڊ ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ روانگي واپار 10.52 س??ڪڙ?? وڌيو جڏهن ته ڊسمبر 2024ع ۾ سالياني بنيادن تي 0.67 س??ڪڙ?? اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ روانگي واپار 6.11 س??ڪڙ?? اضافو رڪارڊ ٿيو. اڏام پاڪستان پروگرام تحت ايندڙ پنج ۽ ڊگهي مدي ۾ 2035ع تائين جا معاشي هدف مقرر ڪيا ويا آهن مثال طور ملڪي واڌ جي شرح ۾ ايندڙ پنج سالن ۾ 6 س??ڪڙ?? اضافي جو هدف مقرر ڪيو آهي، ايندڙ 10 سالن ۾ يعني 2035ع تائين مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي سائز هڪ ٽريلين ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. اڏام پاڪستان پروگرام جو مقصد ايڪسپورٽ يعني روانگي واپار تي ٻڌ?? معيشت کي جوڙڻ ، ٻيو ملڪن ۾ ڊجيٽل انقلاب آڻڻ، ٽيون ماحولياتي تبديلي ۽ ان جي اثرن کي منهن ڏيڻ آهي، چوٿون شعبو جنهن تي ڌيان ڏنو ويندو اهو انرجي ۽ انفرااسٽرڪچر جو آهي جڏهن ته پنجون ايڪويئٽي تي ٻڌ?? معاشري جي تعمير آهي. اڏام پاڪستان تحت سڀ کان پهرين روانگي واپار کي ايندڙ پنج سالن ۾ 60 ار?? ڊالر ساليانو تائين پهچائڻ آهي، اڏام پاڪستان تحت ايندڙ پنج سالن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فري لانسنگ انڊسٽري کي پنج ار?? ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ ساليانو 2 لک آءِ ٽي گريجوئيٽس تيار ڪيا ويندا. اڏام پاڪستان منصوبي ۾ ايندڙ پنجن سالن ۾ گرين هائوس گيسز ۾ 50 س??ڪڙ?? تائين گهٽتائي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، پوکي جوڳي زمين ۾ 20 س??ڪڙ?? کان وڌيڪ اضافو ۽ پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش ۾ 10 ملين ا??ڪڙ?? تائين جو اضافو ڪرڻ آهي، توانائي جي شعبي ۾ تجديد جوڳي توانائي جو حصو 10 س??ڪڙ?? تائين وڌائڻ آهي، اڏام پاڪستان جي دستاويزن موجب غربت جي شرح ۾ 13 س??ڪڙ?? تائين گهٽتائي آڻڻي آهي، اڏام پاڪستان منصوبي ۾ عوامي حصيداري لاءِ پبلڪ، پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي وڏي پئماني تي ترقياتي منصوبا به ان پروگرام جو حصو آهن.
اڏار پاڪستان منصوبي تحت ايندڙ پنجن سالن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فري لانسنگ انڊسٽري کي 5 ارب ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف مقرر
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس