اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعن بنون ۽ خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي ڪاررواين تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چي?? آهي ته پوري قوم ملڪ خاطر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي قربانين کي ڪڏهن نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر ٻن مختلف ڪاررواين دوران 8 خوارجن کي جهنم ڀيڙو ??رڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو ۽ ڪاررواين دوران شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد زوهيب الدين ۽ سپاهي افتخار حسين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ملڪ خاطر وڏي قرباني پيش ??رڻ تي شهيدن جي حب الوطني واري جذبي کي ساراهيو. هن چي?? ته ملڪي س??ام??ي خاطر شهيدن جون قربان??ون ضايع نه وينديون. پوري قوم ملڪ خاطر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي قربانين کي نه وساريندي. صدر مملڪت دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروا??ون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چي?? ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل رهندي. صدر مملڪت شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
صدرآصف علي زرداري پاران بنون ۽ خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي ڪاررواين تي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری