اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف مستونگ ۾ بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو اسڪول جي ٻارن تي حملو بلوچستان ۾ انهن جي تعليم دشمني جو ثبوت آهي، دهشتگرد اهڙي بزدلاڻي حملن سان اسان جا قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم ڌماڪي ۾ ٽن ٻارن ۽ هڪ پوليس اهلڪار جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي ??عا به ڪئي. ??زي??اعظم واقعي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ??زي??اعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. ??زي??اعظم چي?? ته دهشتگردن جو حملو بلوچستان ۾ انهن جي تعليم دشمني جو ثبوت آهي. دهشتگرد اهڙي بزدلاڻي حملن سان اسان جي قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. اهڙا حملا حڪومت جي بلوچستان ۾ تعليم جي ترقي جي فروغ جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. ??زي??اعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪي?? ته دهشتگردي جي ان لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين انهن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. ??زي??اعظم چي?? ته ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن تي سڄي قوم کي فخر آهي.
دهشتگردن جو مستونگ ۾ اسڪول جي ٻارن تي حملو بلوچستان ۾ انهن جي تعليم دشمني جو ثبوت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria