اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ?? زرعي زمين کي رهائشي مقصدن جي استعمال ل??ءِ جامع فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪند?? ان حوالي سان گڏيل اتفاق ر??ءِ پيدا ڪرڻ ۽ ترقي کي هٿي وٺرائڻ ل??ءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي زور ڀريو. اجلاس ۾ چئني صوبن جي مختلف کاتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جتي زمين جي استعمال کي باقاعده استعمال جوڳو بڻائڻ ۽ رڪ??رڊ کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون ته جيئن زرعي زمين کي رهائشي مقصد ل??ءِ اثرائتي طريقي سان استعمال ڪري سگهجي. اجلاس جو مقصد زرعي زمين جي اثرائتي استعمال ل??ءِ گڏيل اتفاق ر??ءِ پيدا ڪرڻ هو. اجلاس دوران پنجاب جي نمائندن ٻڌايو ته زمين جي رڪ??رڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جاري آهي جڏهن ??ه 11 شهرن جا ماسٽر پلان ڊسٽرڪ پلاننگ اينڊ ڊزائين ڪميٽي مان منظور ڪرايا ويا آهن ?? باقي منصوبا نومبر جي پڄاڻي تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. سنڌ جي نمائندن اجلاس دوران ٻڌايو ته ڪراچي جي ماسٽر پلان جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي جڏهن ??ه ڪي پي ڪي جي نمائندن جو چوڻ هو ته 6 شهرن ل??ءِ ماسٽر پلان تيار ڪيا ويا آهن ?? انهن ??ي عملدرآمد ل??ءِ وڌيڪ هدايتن جو انتظار آهي. وفاقي حڪومت کي هدايت ڏني وئي آهي ته زرعي زمين کي رهائشي مقصدن ل??ءِ باقاعدگي طور تي تبديل ڪرڻ ل??ءِ جامع فريم ورڪ تيار ڪيو وڃي. جنهن ?? صوبن جون تجويزون پڻ شامل ڪيون وڃن،.
رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس، زرعي زمين کي رهائشي مقصدن جي استعمال لاءِ جامع فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : گرم گرم