اسلام آبا??-12 ??ڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23 هين اجلاس جي ميزباني ڪندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ جي هاڻوڪي چيئرمين هجڻ جي ناطي وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس ۾ چين، روس، بيلاروس، قزاخستان، تاجڪستان، ڪرغزستان ۽ ازبڪستان جا وزيراعظم پنهنجي م??ڪن جي نمائندگي ڪندا. ايران جو نائب صدر اول، ڀارت جو پرڏيهي وزير پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. منگوليا جو وزيراعظم مبصر اسٽيٽ ۽ ترڪمانستان جي ڪابينا جو ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير اجلاس ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيندا. ان اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف ملڪي سربراهن ۽ وفدن سان ٻطرفيون اهم ملاقاتون به ڪندو. اجلاس ۾ ميمبر م??ڪن وچ ۾ تازي اقتصادي، واپاري، ماحولياتي، سماجي، ثقافتي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿيندي. اجلاس ۾ تنظيم جي ڪارڪردگي تي به غور ڪيو ويندو. ايس سي او ميمبر م??ڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حوالي سان اهم فيصلا به ڪيا ويندا جڏهن ته تنظيم جي بجيٽ جي منظوري به ڏني ويندي.
پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ جي اجلاس جي ميزباني ڪندو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات