اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رک??دو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته جن??وا ۾ انساني حقن جي ڪميٽي تازو ئي ڀارت جي چوٿين لڳاتار رپورٽ تي غور ڪيو. هو شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدن جي شقن کي ڪهڙي طرح لاڳو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته ڪارروائي دوران پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ پبلڪ سيڪيورٽي ايڪٽ جهڙي سخت قانونن تحت گرفتارين ۽ ڀارت جي غيرقانوني ط??ر تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ موبائيل انٽرنيٽ سروس جي مسلسل معطلي بابت اهم سوال اٿاريا ??يا. هن چيو ته اهو ڀارت جي غيرقانوني ط??ر تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خراب صورتحال بابت عالمي انساني حقن جي مشينري جي مسلسل خدشن کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پارا?? انساني حقن جي انهن خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو خاتمو ڪري.
عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ