اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ت??جڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان دوشنبي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير م??مد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه م??مد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي شا??ل آهن. دوشنبي پهچڻ کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي قومي هيرو اسماعيل سامان?? جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهيندو. وزيراعظم قصرِ ملت جو دورو ڪندو جتي هو تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيدار?? جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ان تقريب جي پڄاڻي تي وزيراعظم ۽ تاجڪ صدر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. تاجڪ صدر وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي مان ۾ قصر نورز ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبي روانو
مضمون کا ماخذ : ریل رش