اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته 8 فيبروري جي چونڊن جي ڪوريج ۽ شفافيت جو جائزو وٺڻ جي لاءِ 14 ملڪن مان ميڊيا جا نمائندا ۽ مبصر پاڪستان پهچندا، 49 غيرملڪي صحافين کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا آه??، 32 درخواستن تي ڪم جاري آه??، پاڪستان ۾ موجود غيرملڪي ميڊيا هائوسز جي نمائندن جي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ درخواست??ن ملي چڪيون آه??، اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت پاران غيرملڪي مبصرن ۽ صحافين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪيُون وينديُون. اها ڳالهه هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ امبرين جان، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر طارق محمود ۽ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان سعيد احمد شيخ به موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي سان قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ گهرجي، چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ غيرملڪي ميڊيا جا نمائندا اڳ ۾ ئي پاڪستان ۾ موجود آه??. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اليڪشن ڪوريج جي لاءِ غيرملڪي صحافين ۽ مبصرن جون درخواستون ڏيڻ جي آخري تاريخ 20 جنوري ??قرر ڪئي وئي هئي پر ان تاريخ کانپوءِ به غيرملڪي صحافين ۽ مبصرن جون درخواست??ن ملي رهيون آه??. هن چيو ته هيستائين غيرملڪي صحافين کي 49 ويزا جاري ڪيا ويا آه??، جڏهن ته 32 درخواستن تي ڪم جاري آه??. هن چيو ته پاڪستان هاءِ ڪميشن نئين دهلي مان به اٽڪل 24 درخواست??ن مليون آه?? جيڪي عمل جي مرحلي ۾ آه??، مجموعي طور تي ميڊيا جي مختلف ادارن پاران 174 درخواست??ن مليون آه??، ان کانسواءِ غيرصحافي ڪيٽيگري ??ان رڳو برطانيا مان غيرملڪي مبصرن جي 25 درخواستن تي ڪم جاري آه??. اهڙي طرح رشين فيڊريشن پاران 8، جاپان مان 13 درخواستون غور هيٺ آه??. جڏهن ته ڪئناڊا مان پارليامينٽ جي 5 ميمبرن درخواستون ڏنيون آه??، ڏکڻ آفريقا مان ٻن مبصرن ۽ ڪامن ويلٿ مان 5 درخواست??ن مليون آه??، جن تي ڪم جاري آه??. هن چيو ته هن وقت تائين پاڪستان ۾ 6065 صحافين کي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ ڏنا ويا آه?? جن ۾ لاهور مان 1200، ڪراچي مان 1470، پشاور مان 1050، ڪوئيٽا مان 600، حيدرآباد مان 355، فيصل آباد مان 255 ۽ ملتان مان 290 صحافي شامل آه??. هن چيو ته عالمي صحافين ۽ مبصرن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي لاءِ اجازتناما ورتا آه??. انهن ٽن وڏن شهرن کانسواءِ جيڪڏهن ڪو غيرملڪي صحافي ڪنهن ٻئي شهر ۾ وڃڻ چاهي ته ان جو ڪيس ٽو ڪيس جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته 20 جنوري جي تاريخ گذري ??ڃڻ جي باوجود اڃا به اليڪشن ڪميشن ۽ اطلاعات واري ??زارت جا لاڳاپيل ادارا انهن درخواستن تي غور ڪري رهيا آه??. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير چيو ته رياست جي ذميواري آه?? ته اها پنهنجي شهرين جي حفاظت ڪري، غيرملڪي صحافين ۽ مبصرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ امبرين جان هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌ??يو ته چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ 14 ملڪن مان 81 درخواست??ن مليون، جن مان 49 غيرملڪي صحافين کي ويزا جاري ڪيا ويا آه??. جڏهن ته باقي درخواستن تي ڪم جاري آه??. هن چيو ته 174 صحافين اڳ ۾ ئي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊن جي لاءِ درخواستون ڏئي رکيون هيون جيڪي پاڪستان ۾ موجود فارن ميڊيا هائوسز جي لاءِ پاڪستان ۾ ويهي ڪم ڪري رهيا آه??. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ضابطه اخلاق جاري ??ي چڪو آه??، پاڪستان ۾ موجود صحافين ۽ ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ صحافين سان اهو ضابطه اخلاق شيئر به ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته غيرملڪي صحافي جڏهن پاڪستان ايندا ته انهن کي اي سي پي کان ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ وٺي ڏنا ويندا. هن چيو ته غيرملڪي مبصرن جو انگ 55 آه??. هن وڌيڪ ٻڌ??يو ته غيرملڪي صحافين جي سهولت لاءِ پي آءِ ڊي ۾ اليڪشن سيل قائم ڪري رهيا آه??ون، جڏهن ته ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ ۾ به اليڪشن سيل 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو، جيڪو صحافين کي سهولتون فراهم ڪندو.
8 فيبروري جي چونڊن جي ڪوريج ۽ شفافيت جو جائزو وٺڻ جي لاءِ 14 ملڪن مان ميڊيا جا نمائندا ۽ مبصر پاڪستان پهچندا، 49 غيرملڪي صحافين کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا آهن: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا