اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره ??سم??عيل خا?? ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪ زمين تان جيستائين دهشتگردي جو ناسور ختم نٿو ٿي وڃي تيستائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري ره??دي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم حملي ۾ شهرين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته جيستائين دهشتگردي جو ناسور پاڪ زمين تان ختم نٿو ٿي وڃي تيستائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري ره??دي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين جي ڪري ئي اسان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام ڪند?? آيا آهيون. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات