اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ايران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالا??حي?? جون مبارڪون ڏنيون. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزير??عظ?? شهباز شريف ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي کي عيدالا??حي?? جون مبارڪون ڏنيون. وزير??عظ?? ايران جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايران جي صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي عيد جي جوابي مبارڪ ڏني ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائر پاڙيسري ملڪن وچ ۾ به طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ تي ٻه طرفي معاشي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ قدم قرار ڏنو. ايران جي صدر ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون مبارڪون ڏيڻ تي وزير??عظ?? شهباز شريف جو ٿورو مڃيو. وزير??عظ?? شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزير??عظ?? آذربائيجان جي عوام ۽ حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. صدر الهام عليوف پڻ خيرسگالي جي جوابي جذبن جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? پنهنجي آذربائيجان جي دوري جو حو??لو ڏيندي ٻه طرفي سهڪار جي عمل کي تيز بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. وزير??عظ?? آّذربائيجان سان ايل اين جي فراهمي جو عمل تيز ڪرڻ جي اميد جو پڻ اظهار ڪيو. صدر الهام عليوف ٽيليفون ڪرڻ ۽ عيد جون مبارڪون ڏيڻ تي وزير??عظ?? شهبازشريف جو ٿورو مڃيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ايران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليفون، عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل