اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??عاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته اسان کي ملڪ ۽ قوم جي بهتر مستقبل جي لاءِ پنهنجُون قومي عادتون تبديل ڪرڻيون پوندي??ن، ڪفايت شعاري ۽ توانائي بچت جي تجويزن تي فوري عملدرآمد ۽ امپورٽ بل تي ضابطو آڻڻ لازمي آهي، 26 کان 28 بلين ڊالر جي امپورٽ بل ۾ م??لسل اضافو ٿي رهيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??عاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته پاڪستان ??يپلزپارٽي پنهنجي ورثي موجب حڪومت جي ڀرپور ترجماني ڪندي بلاول ڀٽو زرداري عوامي امنگن موجب پاڪستان جو ڪشميرين جو هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن جو ۽ ٻين اقليتن جو ڪيس دنيا آڏو رکيو آهي، اسان سڀ کان ??ڏي دهشتگردي جو شڪار ملڪ آهيون، ??هشتگردي سان ??اڪستان جو جاني ۽ مالي نقصان سڀ کان ??ڌيڪ ٿيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي ڪانفرنس ۾ پڻ اهو آواز بلند ڪيو جنهن جي خلاف هندستان ۾ وڏيون رڙيون نڪتي??ن، پر ڪجهه به ٿئي سر جي قيمت لڳايو، اسان کي سرن جي پرواهه نه آهي، پاڪستان جي ڪيس کي پٺتي ٿيڻ نه ڏينداسين، ??نسانيت جو ڪيس اڳيان رکنداسين، ??هو ئي اسان جو فيصلو آهي ۽ اسان کي پنهنجي ليڊر تي پنهنجي تي پنهنجي وزيراعظم تي فخر آهي ۽ اڄ وزيراعظم ۽ ڪابينا انهن کي ساراهيو آهي ۽ پوري قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ملڪ هن وقت يقينن مشڪل حالتن ۾ آهي، ميڊيا ۾ به اهو ئي چيو پيو وڃي ته ملڪ ۾ تمام وڏو بحران آهي. هن چيو ته اپوزيشن ليڊر عمران خان روزانو اسان جي مٿان ۽ ملڪي معيشت تي هڪ نئون حملو ڪري ٿو ته ملڪ ڊيفالٽ ڪرڻ وڃي رهيو آهي، ائين ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، ان ??وقعي تي قوم پاران به ردعمل گهرجي، ڪم ڪار جي وقت ۾ تبديلي سان ڪجهه خرابي نه ٿيندي پر اهو سڀ ڪجهه غور فڪر کانپوءِ ڪيو ويو آهي، توانائي بچت قدمن جي ڪري ان سان ??اڻهن جي بچت به آهي، حڪومت جي به آهي، پرڏيهي ناڻي جي به بچت ٿيندي. قمر زمان ڪائره چيو ته اسان ??ن وقت گئس ٻاهران گهرائي رهيا آهيون، ??يل ٻاهران گهرائي رهيا آهيون، ??جلي پيد اڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪوئلو به مهانگو آهي ۽ اها سڄي قومي بچت آهي، رات 8 وڳي ڪاروباري مرڪزن جي بندش جي تجويز جي حوالي سان ضرور تنقيد به ڪئي ويندي پر دنيا جي ڪا به ترقي يافته قوم ڏسي وٺو اها جلدي سمهڻ ۽ جلدي اٿڻ واري هوندي، جن قومن ۾ بچت جون اهي قومي عادتون آهن اهي ڪامياب آهن، ??يل سان امير ٿيندڙ ملڪن جا مزاج جدا آهن، ??ڪومت اهي قدم قوم جي تڪليفن جي ڏس ۾ کنيا آهن، ڪافي غور فڪر کانپوءِ توانائي جي بچت جون اهي تجويزون سامهون رکيون ويون آهن، ??سان کي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ پنهنجون قومي عادتون تبديل ڪرڻيون پوندي??ن، هن وقت اسان جو امپورٽ بل 26 کان 28 بلين ڊالر آهي جيڪو ترتيبوار وڌي رهيو آهي جيڪڏهن اهو اهڙي طرح وڌندو رهيو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. هن چيو ته اسان ??اڻهن کي ٻڌائي رهيا آهيون ته اهي قدم لازمي آهن ان کانسواءِ ڪو ر??تو نه آهي، اسان سڀني کي حڪومت سان تعاون ڪرڻو پوندو. قمر زمان ڪائره چيو ته صوبائي حڪومتن کان، واپاري برادري کان، ??نعتڪارن کان به اها ئي اميد ڪريون ٿا ته حڪومتي تجويزن کي ملڪ جي بقاءَ ۽ بچت جو ر??تو سمجهي اڳتي هلن، ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ اهي قدم کنيا پيا وڃن، ??ن جي ذريعي بهتري جو عمل شروع ٿيندو.
ملڪ ۽ قوم جي بهتر مستقبل جي لاءِ پنهنجُون قومي عادتون تبديل ڪرڻيون پونديون، ڪفايت شعاري ۽ توانائي بچت جي تجويزن تي فوري عملدرآمد ۽ امپورٽ بل تي ضابطو آڻڻ لازمي آهي، 26 کان 28 بلين ڊالر جي امپورٽ بل ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي: قمر زمان ڪائره
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن