اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ج?? فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏن?? آهي جنهن تي فو??ي ڪارروائي ڪندي گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي لا??ِ سخت حفاظتي قدمن ج?? هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عمران خان کي سيڪيورٽي ٿريٽ جي اطلاع تي گهرو وزارت کي فو??ي ۽ موثر قدم کڻڻ جي سخت هدايت جاري ڪندي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ ۽ حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏن??. وزيراعظم جي حڪمن تي گهرو وزارت فو??ي طور تي حرڪت ۾ اچي وئي آهي ۽ چئني صوبن کانسواءِ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ج?? هوم سيڪريٽرين کي هنگامي خط لکيا ويا آهن ج??هن ۾ عمران خان ج?? لا??ِ سخت حفاظتي قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آه??. گ??رو وزارت آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي پڻ ان سلسلي ۾ ضروري هدايتون جاري ڪيون آهن. پنهنجي هنگامي خط ۾ گهرو وزارت چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ عمران خان جتي به وڃي ان ج?? سخت سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃ??. گ??رو وزارت عمران خان ج?? بني گالا رهائشگاهه تي بم ناڪاره بڻائڻ سميت ٻين ضروري سيڪيورٽي قدمن يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي آه??. گ??رو وزارت هدايت ڪئي آهي ته عمران خان ج?? جلسن، جلوسن ۽ عوامي سرگرمين ج?? دوران سيڪيورٽي بابت ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
وزيراعظم پاران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری