اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته اهي وڻڪاري ۾ ڀرپور حصو وٺن، هر خاندان گهٽ ۾ گهٽ 5 وڻ لڳائي ۽ انهن جي پرورش ڪري، ايندڙ نسلن جي لاءِ اهو ضروري آهي، پوري ??ني?? ماحولياتي تبديلي جي خلاف اسان جي جدوجهد کي ساراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ اسڪائوٽس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي بهار موسم جي وڻڪاري مهم 2022ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته اسڪائوٽس کي انهن جي قائم ٿيڻ جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. بدقسمتي سان پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جتي موسمياتي تبديلي جو خطرو درپيش آهي. وڻڪاري جي ذريعي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جو تحفظ ڪري سگهون ٿا ۽ انهن کي بهتر ماحول فراهم ڪري سگهون ٿا. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن، والدين پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ ان مسئلي جي اهميت کي سمجهن ۽ هر خاندان گهٽ ۾ گهٽ 5 وڻ لڳائي ۽ انهن جي پرورش ڪري، اهڙي طرح اسان اصل ۾ پنهنجي مستقبل جي پرورش ڪنداسين. ??زي??اعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي 12 موسم ڏنا آهن، هتي هر قسم جي وڻن ۽ ميون جي واڌويجهه ٿي سگهي ٿي. اسان کي الله تعاليٰ جي ڏنل نعمتن جو قدر ڪرڻ گهرجي، اسان الله جي نعمتن جي پرواهه نه ڪئي ان لاءِ موسمياتي تبديلي جي عذاب ۾ گهيريل آهيون. ??زي??اعظم چيو ته هلندڙ بهار جي موسم ۾ 54 ڪروڙ وڻ لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جهڙي طرح ان کان اڳ سمورا هدف حاصل ڪيا، هي به ڪنداسين. هن چ??و ته ٽين بلين ٽري سونامي منصوبي سان پاڪستان جو ماحول بهتر ٿي ويندو، بدقسمتي سان گذريل سالن دوران انگريزن جا لڳايل ٻيلا ۽ وڻ به تباهه ڪيا ويا. ??زي??اعظم وڻڪاري مهم جي ڪاميابي تي ملڪ امين اسلم ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته موسمياتي تبديلي جي خلاف اسان جي جدوجهد کي ??ني?? ساراهيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي ??زي??اعظم جي موسمياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم چيو ته هيستائين اسان وڻڪاري جي حوالي سان سمورا هدف حاصل ڪيا آهن. 54 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي. هزارين ماڻهن کي وڻڪاري سان سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح روزگار حاصل ٿيو آهي. هلندڙ سيزن دوران هدف کان پنجوڻ تي وڌيڪ وڻ لڳائينداسين. هن ٻڌايو ته سعودي عرب سان ماحوليات جي حوالي سان ايم او يوز تي صحيحون ٿي چڪيون آهن. برطانوي ??زي??اعظم ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم پڻ ماحوليات جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. هن چ??و ته ساڍا 9 هزار سائنس تي وڻڪاري جاري آهي ۽ ان جا تفصيل اسان پبلڪ ڪري ڇڏيا آهن. ان کان اڳ ??زي??اعظم ٻوٽو لڳائي بهار موسم جي وڻڪاري مهم 2022ع جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وفاقي تعليم وارو ??زي?? شفقت محمود ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
نوجوان وڻڪاري ۾ ڀرپور حصو وٺن، هر خاندان گهٽ ۾ گهٽ 5 وڻ لڳائي ۽ انهن جي پرورش ڪري: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت