اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي قيادت هيٺ فلسطين جي حق ۾ 17 مئي تي ايوان مان م??ظور ٿيل قرارداد جي ڪا??ي گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي، ان م??قعي تي جي يو آءِ (ف) جو پارلياماني اڳواڻ مولانا اسد الرحمان، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت سڄي مخالف ڌر پارٽين جا ڪيترائي ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا، ميان شهباز شريف قرارداد جي نقل گڏيل قومن جي نمائندي جي حوالي ڪئي ۽ چيو ته اها قرارداد سڄي پاڪستاني قوم جي جذبن جي ترجماني آهي، گڏيل قومن جي نمائندي يقين ڏياريو ته سندن جذبا ۽ قرارداد جي مسودي کي گڏيل قومن جي مرڪزي آفيس تائين پهچايو ويندو ان م??قعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته فلسطين تي اسرائيل پاران ظلم ڪيو ويو ۽ بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ فلسطينن جو وڏو تعداد شهيد ٿيو، هن چيو ته مسجد اقصيٰ ۾ بربريت ڪ??ي وئي، تاريخ اهڙا غمگين م??ظر پهرين ڪڏهن نه ڏٺا، پارليامينٽ متفقه قرارداد منظور ڪري عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي.
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين شهباز شريف جي قيادت ۾ قرارداد جي ڪاپي گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائي
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر