اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان افغان صدر اشرف غني جي دعوت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو، آگسٽ 2018ع ۾ وز??را??ظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس افغانستان جو اهو پهريون دورو آهي، وز??را??ظم عمران خان افغان صدر اشرف غني سان گذريل ٻن سالن جي دوران پاڪستان ۽ افغانستان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل مقصدن جي فر??غ ۽ افغانستان ۾ پائيد??ر امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرنامي موجب وز??را??ظم هڪ پرامن، مستحڪم، متحده جمهوري، خودمختيار ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن پنهنجي ان پراڻي موقف کي به ورجايو ته افغانستان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ۽ افغانستان ۾ پائيد??ر امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، وز??را??ظم عمران خان افغان عوام جي تحفظ لاءِ جنگ بندي ۽ تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ سمورين ڌرين تي ضروري قدم کڻڻ تي زور ڏنو، وسيع البنياد ۽ ??ام?? سياسي حل جي اهميت تي زور ڏيندي وز??را??ظم چيو ته امن عمل ۾ افغان عوام جي فيصلن جو احترام ڪري، هن انهن عنصرن کي به خبردار ڪيو جيڪي امن ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.
وزيراعظم افغان صدر جي دعوت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha