والاريل بيت المقدس-27 ڊسمبر (اي پي پي) اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو غزه مان فلسطينين جي رضاڪاراڻي لڏپلاڻ جي منصوبي تي ڪم ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. اسرائيلي اخبار يروشلم پوسٽ جي رپورٽ موجب حڪمران ليڪوڊ پارٽي جي ميمبر ڪي??سٽ جي هڪ بند پارلياماني اجلاس دوران وزيراعظم نيتن ياهو چيو ته هو غزه مان فسلطينين جي رضاڪاراڻي لڏپلاڻ جي منصوبي جي تياري تي ڪم ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ان منصوبي جي راهه ۾ رڪاوٽ اهي ملڪ آهن جيڪي فلسطينين کي پناهه ڏئي سگهن ٿا، تنهن هوندي به اسرائيل ان مسئلي جي مستقل حل لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. نيتن ياهو جي قيادت ۾ ليڪوڊ پارٽي جي هڪ ميمبر ڪي??سٽ ڊيني ڊينن چيو ته دنيا پهرين ئي ان ??عا??لي تي ڳالهه ڪري رهي آهي، ڪي??يڊا جي اميگريشن واري وزير مارڪ ملر انهن ??عا??لن جي باري ۾ عوامي سطح تي ڳالهه ڪئي جڏهن ته آمريڪي صد??رتي اميدوار ۽ اڳوڻي سفارتڪار نڪي هيلي به ان امڪان کي رد نه ڪي??. هن چيو ته اسان کي اسرائيل ۾ هڪ ٽيم ٺاهڻي پوندي جيڪا ان ??عا??لي کي ڏسي، اسان ڏسڻ چاهيون ??ا ته غزه مان پنهنجي مرضي سان فلسطيني عل??ئق?? ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار آهن ته اسان انن جي ڪيئن مدد ڪري سگهون ??ا، هن جو چوڻ هو ته جنگ جي خاتمي کانپوءِ انهن جي اسٽريٽجڪ اهميت سبب ان ??عا??لي کي منظم ڪرڻ گهرجي.
اسرائيلي وزيراعظم پاران غزه مان فلسطينين جي رضاڪاراڻي لڏپلاڻ جي منصوبي جو اعتراف
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک