ايڊنبرا – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) اسڪاٽ لينڊ جي فرسٽ منسٽر حمزه يو??ف چيو آهي ته جيڪڏهن برطانوي حڪومت اسرائيل ??ي نسلي ڪشي جي جنگ مان فرار ٿيندڙ شهرين کي ڪڙو ڏنل علائقي ۾ آباد ڪرڻ جي اسڪيم جي منظوري ڏئي ته اس??ن غزه مان ايندڙ پناهگيرن کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ اسڪاٽش اسپتالن ۾ زخمين جو علاج به ڪيو ويندو. هن اسڪاٽش نيشنلسٽ پارٽي (ايس اين پي) جي لاءِ هڪ ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي چيو ته ماضي ۾ به برطانوي حڪومت ڪيترن ئي متاثر ملڪن جي ماڻهن کي پناهه ڏني ۽ مدد ڪئي آهي. هن چيو ته سندس گهر واري ناديه النڪلا اسڪاٽش فلسطيني آهي ۽ سندس ڪٽنب غ??ه ۾ رهيل آهي. هن چيو ته هن وقت غزه ۾ ڏهه لک ماڻهو بي گهر آهن ان ڪري آئون عالمي برادري کي غزه جي ماڻهن جي لاءِ عالمي پناهگيرن جي پروگرام جو مطالبو ڪري رهيو آهيان.
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha