تهران -10 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران خبردار ڪيو آ??ي، ته حماس طرفان اسرائيل تي حملي بعد ڪو ملڪ ايران تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري. جرمن نشرياتي اداري مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ناصر ڪنعاني وضاحت ڪئي آهي ته سندس ملڪ ان تڪرار ۾ شريڪ ن??هي ۽ اسرائيل جي حڪومت ان تڪرار کي بهانو بڻائي ايران خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت کان پري رهي. هن چيو ته ايران تي حملو ڪرڻ جو بيوقوفاڻو عمل تباهه ڪن نتيجا سامهون آڻيندو. هن اهڙو بيان اهڙن شڪن ۽ شبهن جي تناظر ۾ ڏنو آ??ي ته حماس کي ايران جي حمايت حاصل آه??. گ??يل قومن ۾ ايران جي سفير به چيو آ??ي، ته اسرائيل تي حملي ۾ ايران ملوث ناهي. اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ويڙهه ۾ شدت بعد ايران به چيو آ??ي ته ان ويڙهه ک?? روڪڻ لاءِ عالمي طاقتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ان ڳالهه تي زور ڀريو آ??ي ته اسلامي ملڪن جي ??نظ??م او آءِ سي جو هڪ هنگامي اجلاس طلب ڪيو وڃي.
اسرائيل جي حڪومت ايران خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت کان پري رهي آهي: ايران جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے