جده -12 جولاءِ (اي پي پي) ??عو??ي عرب کي انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن جي اعليٰ ڪميٽين مان هڪ جو صدر چونڊيو ويو آهي. ??عو??ي خابرو اداري م??ابق علائقائي ۽ عالمي سطح تي هوا بازي جي صنعت کي هٿي وٺائڻ لاءِ ??عو??ي عرب جي ڪوششن سال 24-2023ع لاءِ انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن (ايڪاو) جي ايوي ايشن سيڪيورٽي ڪميٽي جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي آهي. ڊاڪٽر بدر بن صالح الصقري 24-2023ع لاءِ ايوي ايشن سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ ??عو??ي عرب جي نمائندي طور ڪم ڪندو، ان ڳالهه جو اعلان مونٽريال، ڪينيڊا ۾ ايڪاو جي ڪائونسل جي 229هين سيشن دوران ڪيو ويو. ان قدم سان ??عو??ي عرب پاليسين، اسٽر??ٽج?? ۽ منصوبابندي جي سرگرمين بابت سفارشون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. عالمي سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن 193 ملڪن تي ٻڌل، گڏيل قومن جي خصوصي ايجنسين مان هڪ آهي. ان جو مقصد سول ايوي ايشن جي شعبي ۾ ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ هم اهنگي کي م??ب??ط ??ڻائڻ ۽ ان شعبي کي منظم ڪرڻ لاءِ معيار، فريم ورڪ ۽ پاليسيون مرتب ڪرڻ آهي. تنظيم ۾ ايوي ايشن سيڪيورٽي ڪميٽي جي اهم ترين ڪمن مان پاليسيون، اسٽر??ٽج?? سمتن ۽ ترجيحن جي باري ۾ ڪائونسل کي پنهنجون سفارشون پيش ڪرڻ ۽ ايوي ايشن سيڪيورٽي سان لاڳاپيل سرگرمين جي منصوبه بندي ڪرڻ آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ عالمي م??يار ۽ سلامتي جي سفارشن تي م??اورت جي پيشڪش، عالمي شهري هوابازي لاءِ اڀرندڙ خطرن جو اندازو لڳائڻ ۽ صنعت کي غيرقانوني م??اخلت کان بچائڻ لاءِ ضروري قدمن تي عملدرآمد ڪرڻ به شامل آهي. واضح رهي ته ??عو??ي عرب 1962ع کان تنظيم جو ميمبر آهي، ان 1980ع ۾ پنهنجو مستقل وفد قائم ڪيو ۽ 1986ع کان اڄ تائين تنظيم جي ڪائونسل جو ميمبر آهي.
سعودي عرب هوازبازي جي عالمي تنظيم واري سيڪيورٽي ڪميٽي جو صدر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ