گڏيل قومون- 22 فيبروري (اي ??ي پي) پاڪستان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل والاريل ڄمون ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول سان ??من ۽ سلامتيءَ جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي مبصر مشن (يو اين ايم او جي آءِ پي) کي وڌيڪ مضبوط ۽ مؤثر بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ??من آپريشنز جي خصوصي ڪميٽيءَ جي 2023ع جي پهرئين سيشن کي خطاب ۾ چيو ته يو اين ايم او جي آءِ پي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق والاريل ڄمون ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول سان ??من ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو. گڏيل قومن جو مبصر مشن جنوري 1949ع ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگبنديءَ جي نگرانيءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو جتي پاڪستان گڏيل قومن جي مبصرن کي نگرانيءَ جي اجازت ڏني پر ڀارت نه ڏني. پاڪستاني نمائندي چيو ته تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ ??من قائم ڪرڻ لاءِ مجموعي سياسي حڪمت عملي جي هڪ حصي طور ??من جو قيام سڀ کان وڌيڪ مؤثر آهي، ان لاءِ سياسي حڪمت عمليءَ کي تڪرارن جي روڪٿام کان وٺي تڪرارن جي حل تائين ??من تسلسل سان اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته شهرين جي تحفظ جو مقصد هٿياربند جهيڙي کي پکيڙڻ کان روڪڻ، تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ ثالثي ذريعي منصفاڻي ۽ پائي??ار سياسي حل تلاش ڪرڻ سان بهترين طريقي سان حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن اسٽريٽجڪ ڳالهين، صنفي مرڪزي ڌارا ۽ ان ۾ خدمتون انجام ڏيندڙن کي بهتر تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ مشن ۽ آپريشنز کي مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ??من جي قيام کي ??من لاڳو ڪرڻ ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي جي ڪارروائين کان الڳ ڪرڻ گهرجي. هن عورتن ??من جٿن جي واڌ جي حوالي سان مساوي جاگرافيائي نمائندگي تي زور ڀريندي چيو ته ان سان اسرندڙ ملڪن ??ون عورتن ??من اهلڪارن جي شموليت کي ترغيب ملندي.
لائن آف ڪنٽرول تي امن ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ لاءِ گڏيل قومن جي مبصر مشن کي وڌيڪ مؤثر بنائڻ جي ضرورت آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم