اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر عرب سمنڊ ۾ پاڪ بحريه جي ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 سان گڏ??ي منشيات جي خاتمي جي ڪامياب آپريشن تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ بحريه جي متحرڪ قيادت جي ڪري 1.3 ٽن منشيات کي روڪڻ ممڪن ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته منشيات جي ايتري وڏي مقدار جي اسمگلنگ جي ڪوشش کي ناڪ??م بڻائڻ ساراهه جوڳي آهي. پوري قوم کي پاڪ بحريه جي جوانن تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته منشيات جو مڪمل خاتمو انسانيت جي ڀلائي لاءِ انتهائي اهم آهي. پاڪستان حڪومت منشيات جي خاتمي جي مشن ۾ پاڪ بحريه کي سموريون سهولتون فراهم ڪ??ڻ جي لاءِ پرعزم آهي.
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II