اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ??ار چيو آهي ته بلوچست??ن پاڪستان جو اهم صوبو آهي، ماضي ۾ اسان دهشتگردي ختم ڪئي ۽ ملڪ کي معاشي طور تي طاقتور بڻايو، پاڪستان دنيا جي پهرين 20 معيشتن ۾ شمار ٿيڻ جي تياري ڪري رهيو هو، اڃا به دير ناهي ٿي، ??ڀئي پارٽيون گڏجي ويهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي قائد ايوان سينيٽر اسحاق ??ار چيو ته هي ملڪ اسان سڀني جو آهي، ??سان سڀني کي ئي ان کي بچائڻو ۽ مضبوط بڻائڻو پوندو، هاڻي ڳالهه ناراضي کان تمام گهڻو اڳتي وڌي چڪي آهي، ??سان کي گڏجي ويهي مستقبل جي حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي هر پاڪستاني جي دل ڏکويل آهي، ??لوچستان اسان سڀني جي دل جي تمام ويجهو آهي، ??ڄ وفاقي ڪابينا ۾ به ان تي تفصيلي ڳالهه ٿي، ??لد وزيراعظم بلوچستان ويندو جڏهن ته گهرو وزير بلوچست??ن پهچي چڪو آهي، ??لوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تمام گهڻو افسوسناڪ آهي، ??ياست پاڪستان کي تسليم ڪندڙن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته جبلن تي چڙهي بيگناهه ماڻهن کي ماريندڙن جي شديد مذمت ڪريون ٿا، اسان کي هر صورت ۾ دهشتگردي کي ختم ڪري امن آڻڻو آهي، ماضي ۾ اي پي ايس کانپوءِ به سياسي پارٽين گڏجي ويهي دهشتگردي جي خاتمي جو پڪوپه?? ڪيو هو. هن چيو ته ماضي ۾ آپريشن ضرب عضب، آپريشن ردالفساد ڪاميابي سان ٿيا، اسان انهن آپريشنز جي لاءِ سئو ارب رپيا ساليانو فراهم ڪيا جيڪو صحيح قدم هو. هن چيو ته ٻيهر ماضي جي دور ۾ ڀڄي ويل دهشتگردن کي واپس آندو ويو، اهو فيصلو تباهي آڻيندڙ هو جنهن جا نتيجا اڄ اسان جي سامهون آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ٺيڪ نه ٿيو، پوري قوم متحد آهي، ??هشتگردن جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪي به اهڙن واقعن ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف رياست سخت کان سخت ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ناراض آهن انهن سان ڳالهه ٿي سگهي ٿي پر جيڪڏهن جبلن ۾ لڪي ماڻهن تي حملا ڪن ته اهڙن ماڻهن سان ڪا ڳالهه نٿي ٿي سگهي. نائب وزيراعظم اسحاق ??ار چيو ته بلوچستان حڪومت وفاق سان مڪمل رابطي ۾ آهي، ڪجهه ماڻهن کي استعمال ڪري هڪ صوبي ۾ افراتفري ڦهلائي پئي وڃي. اسحاق ??ار چيو ته دهشتگردي ۽ معاشي مسئلن تي اسان کي سياست نه ڪرڻ گهرجي، ??سان کي ڳالهين بدران حل طرف وڃڻو پوندو، اچو ان مسئلي تي گڏجي سوچون، دشمن چاهي ٿو ته پاڪستان معاشي قوت نه بڻجي. نائب وزيراعظم اجلاس ۾ تجويز ڏيندي چيو ته سينيٽ ميمبر هڪ ڏينهن مقرر ڪري وٺن، ان ڏينهن رڳو امن امان جي حوالي سان ئي ڳالهه ٿئي.
بلوچستان پاڪستان جو اهم صوبو آهي، ماضي ۾ اسان دهشتگردي ختم ڪئي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا