اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي)صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير ??سي?? چيو آهي ته فرٽيلائيزر ڪمپنيون ملڪ جي هر ضلعي ۾ هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ما??ل سينٽرن جي شروعات ڪ??. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل فرٽيلائيزر رويو ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. جاري ڪيل بيان موجب اجلاس جو مقصد ملڪ ۾ ڀاڻ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ اگهن جو جائزو وٺڻ هو. وفاقي وزير راڻا تنوير ??سي?? چيو ته هارين جي سهولت ۽ زرعي ترقي لاءِ ڀاڻ ڪمپنين طرفان هر ضلعي ۾ ما??ل سينٽر کوليا ويندا ۽ هاري اصل اگهه تي ڀاڻ خريد ڪري سگهندا. حڪومتي قدمن سان ايجنسين ۽ ڊيلرز جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني گذريل ڪجهه هفتن دوران ما??ل سينٽر جو افتتاح ڪيو آهي. اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني ترجيحي بنيادن تي ما??ل سينٽر جي قيام جون تجويزون ڏي. هن وڌيڪ چيو ته ذخيرو ۽ اگهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ تي صوبائي حڪومت کي سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
فرٽيلائيزر ڪمپنيون ملڪ جي هر ضلعي ۾ هارين جي سهولت لاءِ ماڊل سينٽر جي شروعات ڪن: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون