اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ملڪ دشمنن کي هضم نه ٿي رهي ??هي?? هڪ نام نهاد ليڊر پاڪستان کي هر جڳهه رسوا ۽ اڪيلائپ جو شڪار ڪيو، هاڻ پاڪستان جي عزت ٿي رهي ??هي?? عالمي س??ح تي پاڪستان جي اندر سيڙپڪاري ۽ واپار جي لاءِ معاهدا ڪيا پيا وڃن، انشاءَ الله دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪنداسين ۽ پاڪستان جي دشمنن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي تاريخي دوري جا ثمر جلد عوام تائين پهچندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، ان تاريخي دوري ۾ اهي موضوع پڻ بحث هيٺ آيا جيڪي اڳ ۾ ڪڏهن به نه آيا هئا. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي هر دور ۾ لازوال ۽ مثالي رهي ??هي?? ان دوري س??ن پاڪ چين دوستي ۾ هڪ نئين سگهه ۽ نئين دور جي شروعات ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ ڪاميابين جو سلسلو جاري ??هي?? پاڪستان 182 ووٽ حاصل ڪر?? گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل وڏي اڪثريت سان ميمبر چونڊيو جيڪا تمام وڏي ڪاميابي ??هي?? ان ڪاميابي تي چين جي صدر ۽ چيني وزيراعظم پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چيني صدر سان سوا ٽي ڪلاڪ ملاقات جاري رهي، چيني قيادت سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه اسان جي لائيف لائين ??هي?? پاڪستان جي اندر معاشي ترقي، معاشي استحڪام، انڊسٽرلائيزيشن، مهانگائي ۾ گهٽتائي، واپار جي فروغ جي حوالي س??ن ان جي تمام گهڻي اهميت آهي. هن چيو ته چين جي دوري دوران مين لائين ون جي حوالي س??ن پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، مين لائين ون تي ڪم جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. وزيراعظم شهبازشريف چيني قيادت سان هر اعليٰ سطحي ميٽنگ ۾ ڪراچي س??ڪلر ر??لو?? جو ذڪر ڪيو، چيني قيادت پڻ ڪراچي س??ڪلر ر??لو?? کي سٺي رخ ۾ ورتو. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي س??ن چين ۾ 32 بي ٽو بي معاهدن تي صحيحون ٿيون، پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن جون چيني ڪمپنين سان ملاقاتون ٿيون ۽ حصيداري جي ڪيترن ئي ايم او يوز تي صحيحون ٿيون، ان کانسواءِ پاڪ چين بزنس ڪانفرنس ۾ 500 ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. هن چيو ته سي پيڪ جي اپ گريڊيشن جي حوالي س??ن معاملا تيزي س??ن اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي روانگي واپار سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڪر??ٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو ??هي?? پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا جيڪي ڪڏهن 4 ارب ڊالر هوندا هئا، هاڻي 14 ارب ڊالر جي س??ح تي پهچي ويا آهن، اهڙي طرح رپئي جي قدر پڻ مستحڪم آهي. هن چيو ته سمورا اقتصادي انگ اکر مثبت آهن، پيٽرول جي قيمت ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي. مهانگائي گذريل مهيني 17 سيڪڙو هئي هاڻي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سنجيده حڪومت ??هي?? ان جي ڪوششن جا مثبت اثر پئجي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته شين زن ۾ٽن معاهدن تي صحيحون ٿيون جن ۾ چين جي ٽيڪ ڪمپني پاڪستان جي 2 لک نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪندي، ڪلائوڊ سروسز فراهم ڪئي ويندي، سمارٽ سٽيز قائم ڪرڻ جي حوالي س??ن معاملن کي اڳتي وڌايو ويندو. هن چيو ته نوجوانن جي تربيت سان آءِ ٽي روانگي واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ٽيڪ اسٽارٽ اپس جي حوصلا افزائي ٿيندي. هن چيو ته ٽيڪ ڪمپنين جو اڳتي اچڻ ۽ معيشت ۾ حصو وجهڻ تمام حوصلي جوڳو آهي. هن چيو ته اسان جون ٽيڪ ڪمپنيون ٻاهرئين ملڪ جي ٽيڪ ڪمپنين سان مقابلو ڪر?? رهيون آهن، اسان کي اهڙي طرح جي ماحول جي حوصلا افزائي ڪرڻي آهي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي اسان جي رت ۾ شامل ??هي?? چين سدائين پاڪستان جو ۽ پاڪستان سدائين چين جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي اپ گريڊيشن جو فائدو ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٿيندو. هن چيو ته امن ۽ ترقي پاڪستان جي اندروني ۽ ٻاهرئين دشمنن کي هضم نه ٿي رهي ??هي?? پاڪ چين دوستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، دشمن چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ امن قائم نه ٿئي. هن چيو ته دشمنن جا ڪڌا ارادا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ به اسان قصور ۾ هڪ شهيد جي قبر تان ٿي آيا آهيون، دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾فوج، عسڪري ادارا ۽ پوليس جانين جا نذرانا پيش ڪر?? رهيا آهن، انشاءَالله دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. هن چيو ته سياسي عدم استحڪام پيدا ڪندڙ قوتن جي ڪوشش هوندي آهي ته پاڪستان جا پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا نه وڌن، اهي ڪا نه ڪا رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هن چيو ته سياسي پارٽيون، سياسي ليڊر ۽ سياست اهي سڀ شيون بعد ۾ آهن، پاڪستان سڀ کان پهرين آهي. هن چيو ته هڪ نام نهاد ليڊر پاڪستان کي هر حوالي س??ن عالمي س??ح تي اڪيلائپ جو شڪار ڪيو هو، اڄ پاڪستان جي عزت ٺهي رهي ??هي?? عالمي س??ح تي پاڪستان جي اندر سيڙپڪاري ۽ واپار جي لاءِ معاهدا ڪيا پيا وڃن، اسان انشآءَ الله دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪنداسين ۽ پاڪستان جي دشمنن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته2018ع کان 2022ع تائين پاڪستان جي اندر هڪ حڪومت هئي جنهن عالمي س??ح تي دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، 190 ملين پائونڊ جو اسڪينڊل ٿيو، اهي ڪاش اڄ ان شهيد جي قبر تي بيهي ان شهيد جي فيملي جو ڏک محسوس ڪن ها ته پوءِ 1971ع ۽ شيخ مجيب جي ڳالهه ڪن ها، انهن جي پنهنجي سياسي قرباني ڪهڙي ??هي?? پيپلزپارٽي کان پڇو جن لاش کنيا آهن، اسان کان پڇو جن جو وزيراعظم پنهنجي گهرواريءَ کي مرڻ جي بستري تي ڇڏي آيو پر ڪڏهن پاڪستان جي س??لميت تي ڌٻو اچڻ نه ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم سان گڏ آرمي چيف جو چين وڃڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان سيڪيورٽي جي معاملن تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ??هي?? وزيراعظم چين جي دوري دوران پاڻ ئي بشام جي واقعي جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم چيو ته منهنجي ۽ منهنجي ٻارن جي سيڪيورٽي کان وڌيڪ چيني شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي ويندي ۽ ان ڳالهه کي بار بار ورجايو، حڪومت جو ان تي پورو ڌيان آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چين سان ڪيترن ئي ايم او يوز تي صحيحون ٿيون آهن ۽ معاملا اڳتي وڌيا آهن، ان حوالي س??ن حتمي انگ اکر جلد اچي ويندا، حڪومت جا اڃا سئو ڏينهن پورا ناهن ٿيا پر سالن جو ڪم مهينن ۾ ٿي رهيو ??هي?? هي هڪ تاريخي موڙ ??هي?? اسان ترقي جون نيون منزلون طئي ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هڪ وقت هو جڏهن ملڪ ۾ ايل سيز کلڻ بند ٿي ويون هيون، غيرملڪي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا موجود نه هئا، هاڻي ٻن مهنن جو فارن ايڪسچينج ريزرو موجود ??هي?? ڊالر 278 رپين تي اچي بيهي رهيو ??هي?? ڊالر جي ذخيره اندوز مافيا جي خلاف ڪر??ڪ ڊائون ٿيو، اڄ مهانگائي 11 سيڪڙو تي اچي وئي ??هي?? اميد ڪر??ون ٿا ته پيٽرول جي قيمت اڳتي به وڌيڪ گهٽ ٿيندي، عوام تائين فائدو مثالي طور تي پهچندو، ماڻهن کي چوندس ته اهي معيشت جي حوالي س??ن افواهن تي ڪَن نه ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته چين سان 2 لک ماڻهن جي آءِ ٽي ٽريننگ جو معاهدو ننڍي ڳالهه نه ??هي?? اهو ڪر??ڙين رپين ۾ وڃي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي استحڪام معاشي استحڪام جي لاءِ لازمي ??هي?? 190 ملين پائونڊ جو ڪيس ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڪر??شن اسڪينڊل ??هي?? پي ٽي آءِ دور ۾ ڪابينا جي اجلاس جي اندر 190 ملين پائونڊ جي بند لفافي تي خاموشي ڇو اختيار ڪئي وئي؟ 5 قيراط جي مُنڊي ڪنهن ۽ ڇو گهري هئي؟ القادر ٽرسٽ جي زمين ڪٿان آئي هئي؟ فرح گوگي کي بني گالا ۾ ڪيترائي س??و ڪينال زمين ڇو ملي؟ خيبرپختونخواهه ۾ هائوسنگ سوسائٽي کانسواءِ زمين جي اين او سي ڏيڻ جو قانون ڇو ٺاهيو ويو هو؟ هن چيو ته سياسي فائدي جي لاءِ حقيقتن کان هٽي ڪر?? سائفر لهرائي آفيشل ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪئي وئي، سائفر جي پوري دنيا گواهه ??هي?? ان جي آڊيو موجود آهي جنهن ۾ چِئي رهيا آهن ته اسان کي س??ئفر سان کيڏڻو ??هي?? اهي سنگين ڪر??شن ڪيسز آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنجاب حڪومت جي هتڪ عزت قانون تي صحافتي تنظيمن سان ڳالهه ٻولهه جاري هئي ۽ جاري رهڻ گهرجي، هتڪ عزت قانون سڀني جي لاءِ ??هي?? هتان وڏا وڏا چينلز ٻاهرئين ملڪ وڃي هتڪ عزت جي دعويٰ ڪن ٿا ڇو ته اتي گهٽ وقت ۾ فيصلو ٿي وڃي ٿو، پاڪستان ۾ ائين ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟ هن چيو ته صحافتي تنظيمن کي ان حوالي س??ن پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي.
پاڪستان جي ترقي ملڪ دشمنن کي هضم نه ٿي رهي آهي، هڪ نام نهاد ليڊر پاڪستان کي هر جڳهه رسوا ۽ اڪيلائپ جو شڪار ڪيو، هاڻ پاڪستان جي عزت ٿي رهي آهي، عالمي سطح تي پاڪستان جي اندر سيڙپڪاري ۽ واپار جي لاءِ معاهدا ڪيا پيا وڃن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná