اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان سدائين تاريخ جي صحيح رخ تي بيهڻ جي ??ست?? جي چونڊ ڪندي ”ون چائنا“ جي اصول جي پاسداري ڪري ٿو. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 73 هين سالگرهه جي موقعي تي شايع ٿيل چيني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ صد?? چيو ته پاڪستاني عوام چين سان غيرمشروط محبت ڪري ٿي. واضح رهي ته مارچ ۾ ٻيو ڀيرو صد?? چونڊجڻ کانپوءِ ڪنهن به غيرملڪي ميڊيا سان صد?? زرداري جي اها پهرين ڳالهه ٻولهه هئي. ٻنهي ملڪن جي اڳوڻي اڳواڻن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي ياد ڪندي صد?? آصف علي زرداري چيو ته منهنجي مرحوم سُهري پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي چيو هو ته اوڀر طرف ڏسو، چين طرف ڏسو. صد?? آصف علي زرداري جنهن پاڪستاني صد?? جي طور تي پنهنجي پهرين مدي دوران 9 ڀيرا چين جو دورو ڪيو هو، هن ”تائيوان جي آزادي“ جي ڪنهن به شڪل کي رد ڪندي ون چائنا اصول تي سختي سان ڪاربند رهڻ جي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته تائيوان چين جو حصو آهي. ان کانسواءِ ڪو ??ست?? نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين چين سان گڏ بيٺل رهندو ۽ چين جي بنيادي مفادن جو تحفظ ڪندو. چين پاڪستان اقتصادي ل??گهه (سي پيڪ) جي شروعات، گوادر پورٽ جي ترقي تي تبصرو ڪندي آصف علي زرداري چيو ته 11 سال اڳ سي پيڪ جي شروعات کانپوءِ گوادر پورٽ تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي، اها بندرگاهه سڄي دنيا مان سيڙپڪارن کي سدائين ڀليڪار چوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ صد?? آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان وڌيڪ اسڪولن جي ان ڳالهه تي حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي ته هو چيني زبان کي پنهنجي لازمي نصاب ۾ شامل ڪن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماڻهن جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ پاليسين تي زور ڏنو. چيني عوام جي ڪاميابين کي ساراهيندي آصف علي زرداري چيو ته پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ چين جي ڪاميابي جو هڪ اهم سبب آهي ۽ پاڪستان چين جي ترقي جي عمل ۾ و??يڪ شا??ل ٿيڻ جي اميد ڪري ٿو.
پاڪستان سدائين تاريخ جي صحيح رخ تي بيهڻ جي رستي جي چونڊ ڪندي ”ون چائنا“ جي اصول جي پاسداري ڪري ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک