اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض عملدارن پاران منظم ??ريقي تي ڪشميرين کي پنهنجي زمينن تان بيدخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مم??از زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي محافظن ۽ سياسي ڪارڪنن جي ملڪيتن کي سيل ڪرڻ ۽ ضبط ڪرڻ جي مهم ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هلندڙ هفتي ڀارتي عملدارن هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي جي ق??نون کي اس??عمال ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ڪيترين ئي ملڪيتن کي ضبط ڪيو. ترجمان چيو ته ملڪيتن تي ق??ضا اختلاف راءِ کي ڪچلڻ ۽ انساني حقن جي محافظن کي ستائڻ جو هڪ ظالماڻو ذ??يعو آهي، اهو طرزعمل ۽ اهڙي ق??م جي وحشياڻي ڀارتي ق??من کي ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن تي عملدرآمد جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض عملدارن پاران منظم طريقي تي ڪشميرين کي پنهنجي زمينن تان بيدخل ڪرڻ جي مذمت
مضمون کا ماخذ : ریل رش