اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ دهشتگردن سان مقابلو ڪ??دي ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??دي چيو آهي ته پوري قوم کي شهيدن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر، نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خا?? ۽ ??انس نائيڪ عبدالقدير جي درجن جي بل??دي لاءِ دعا ڪئي. نگران وزيراعظم شهيدن جي گهرڀا??ين سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪ ??وج جي جوانن تيراهه ۾ وطن جي حفاظت جي لاءِ شهادت ماڻي، مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ جي امن جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس