اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جبل چاڙهو نا??له ڪياني ۽ ثمينه بيگ کي دنيا جي نئين بلند ترين چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪرڻ تي مبارڪباد ۽ شاباس ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي سڀ کان بلند چوٽيءَ مائونٽ ايوريسٽ کانپوءِ خطرناڪ ترين چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪندڙ پهرين عورت هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري هن هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو نالو دنيا ۾ بلند ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ثمينه بيگ ۽ نا??له ڪياني ثابت ڪيو ته انهن جي همت، عزم ۽ ار??دا بلند ج??لن کان به بلند آهن، ثمينه بيگ ۽ نا??له ڪياني پاڪستاني باهمت عورتن جون نمائنده آهن جيڪي جفاڪشي، بلند ار??دي ۽ مقصد کي ماڻڻ جي جستجو ۾ ڪنهن کان پٺتي ??ه آهن. هن دعا ڪئي ته ثمينه بيگ، نا??له ڪياني ۽ ان جهڙيون قوم جون ٻيون ڌيئرون اهڙي طرح دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪنديون رهن ۽ ڪامرانيون سهيڙينديون رهن. واضح رهي ته وزيراعظم مئي 2023ع ۾ نا??له ڪياني کي ستاره امتياز جو اعزاز عطا ڪيو هو. نا??له ڪياني ٻي پاڪستان?? عورت جبل چاڙهو آهي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو. ثمينه بيگ پهرين پاڪستان?? عورت جبل چاڙهو هئي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو.
وزيراعظم پاران نائله ڪياني ۽ ثمينه بيگ کي نانگا پربت سر ڪرڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا