اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي اسڪولن کان ٻاهر اٽڪل 23 ملين ٻارن کي روايتي طريقن کان هٽي ??ري تعليم ۽ هنر فراهم ڪر?? جي لاءِ جديد حل ڳول?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم جي نئين طريقن ۽ ٽيڪنڪن کي عام ڪر?? جي لاءِ واپارين ۽ سيڙپڪارن سميت سمورن حصيدارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گ??رجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آئي) پاران منعقد ”ايجوڪيشن ايڪسي لينس ريڪگنيشن“ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو انگ پريشان ڪندڙ آهي. يونيسيف تازي ٻوڏ کانپوءِ اسڪول نه ويندڙ ٻارن بابت پنهنجي تازي رپورٽ ۾ اهو انگ 27 ملين ٻڌايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انهن ٻارن جي روايتي طريقن سان داخلائن ۽ انهن جي لاءِ اسڪولن جي تعمير ۾ وقت لڳندو. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جديد ترين علم ۾ حيران ڪندڙ اڳڀرائين سان تيز رفتاري سان اڳتي وڌي رهي آهي. صدر چيو ته حڪومت تعليم جي نئين طريقن ۽ ٽيڪنيڪن سان جديد ترين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي عام ڪرڻ چاهي ٿي پر ٻين ڌرين بشمول صنعتڪارن ۽ واپارين کي به ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪر?? جي لاءِ اڳتي اچڻ گ??رجي. هن چيو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ جي مسئلي هڪ سواليه نشان اٿاري ڇڏيو آهي ۽ سڀني کي ان جو فوري ۽ آئوٽ آف باڪس حل ڳولڻ گ??رجي. صدر چيو ته ملڪ کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميد??نن ۾ تازين تبديلين سان هم آهنگ ٿي?? جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لاءِ حقيقتن تي ٻڌل هڪ ٺوس موقف اختيار ڪرڻ گ??رجي. هن چيو ته تعليم جو شعبو هاڻي صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي ۽ سمورا صوبا پنهنجي بجيٽ جو اٽڪل 20 کان 28 سيڪڙو ان شعبي تي خرچ ??ري رهيا آهن. هن چيو ته ڪجهه پاڙيسري ملڪن ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن جو تناسب 98 کان 100 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي پر پاڪستان ۾ اهو تناسب 68 سيڪڙو آهي. صدر چيو ته اهو به قدرت جو قانون آهي ته اهي قومون مختلف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن ٿيون جيڪي نئين ۽ جديد نظرين جي جستجو ڪن ٿيون. هن اعليٰ تعليمي سطح تي شاگردن جو انگ وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ روايتي رويي کي ترڪ ڪرڻ گ??رجي. هن چيو ته ڪراچي ۾ اٽڪل 60000 شاگردن ايف ايس سي جي سطح تي امتح??نن ۾ حصو ورتو پر رڳو 7000 شاگرد ئي اعليٰ سطح جي تعليم حاصل ??ري سگهيا. پاڙيسري ملڪن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جو تناسب 26، 25 سيڪڙو تائين پهچي ويو. صدر هڪ جهڙي قومي نصاب جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. هن چيو ته ٽولز ۽ اوزار دستياب آهن ۽ وقت جي ضرورت آهي ته اهي پنهنجي ايندڙ نسلن کي ??ني??دي سماجي قدرن جي فراهمي سان گڏوگڏ هنر ۽ جديد تعليم سان ليس ڪر?? جي لاءِ انهن جو استعمال ڪيو وڃي. هن جديد اوزارن جي ذريعي تبديليون آڻ?? جي لاءِ معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي ۽ واپاري ۽ صنعتڪار نوجوان ٽيلينٽ کي استعمال ??ري ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ??ري سگهن ٿا. صدر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته آڊيو ۽ وڊيو ليڪ جو معاملو غيرلاڳاپيل هو ڇو ته اهو رازداري جي خلاف ورزي جي برابر آهي ۽ ان کي ”غيبت“ سان تعبير ??ري سگهجي ٿو. ان کان اڳ صدر مختلف شخصيتن ۽ ادارن ۾ تعليمج ي شعبي ۾ انهن جي خدمتن جي اعتراف ۾ شيلڊز ۽ ايوارڊز ورهايا.
تعليم جي نئين طريقن ۽ ٽيڪنڪن کي عام ڪرڻ جي لاءِ واپارين ۽ سيڙپڪارن سميت سمورن حصيدارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil