اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خ??ن جو اهو الزام دفن ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چ??نڊون نه ٿي ڪرائي سگهي، 2018ع ۾ اين اي 193 ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڪو چونڊ اميدوار نه هو، گذريل ڏينهن پهريون ڀيرو ان تڪ مان 53 هزار ووٽ حاصل ڪيا جنهن تي پنهنجي ووٽرز جا ٿورا مڃون ٿا ته انهن مسلم ليگ (ن) تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڃا اڳتي ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي، گهڙيءَ چور فتنو کٽي وڃي ته فتح جو جشن ۽ هارائي وڃي ته اليڪشن ڪميشن ٻ??هران ڌرڻو ۽ الزام. عمران خ??ن جو اهو الزام دفن ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چ??نڊون نه ٿي ڪرائي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اها وڏي ڪاميابي آهي جنهن جو عمران خان اعتراف ڪري ورتو آهي. هن چيو ته هڪ سيٽ جي ووٽ سان عدالت تي دٻاءُ وجهندا، ڌمڪي ۽ گاريون ڏيندا؟ فيصلو توه??ن جي حق ۾ نه آيو ته عالمي سازش چيف جسٽس تائين پهچي ويندي. هن چيو ته عوام ملڪ ۾ انصاف چاهي ٿي، نظريه ضرورت نه.
عمران خان جو نگران حڪومت تي شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ڪرائي سگهڻ جو الزام دفن ٿي ويو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر