اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۽ متاثرين جي بحالي اولين ترجيح آهي، وفاق، صوبا ۽ لاڳاپيل ادارا ٻوڏ سٽيلن جي مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، چئ??ين?? تمام وڏ?? آهي، مشڪل وقت ۾ اسان کي مضبوط هجڻ جو موقعو ڏن?? آهي، ٻوڏ سٽيلن جي فوري امداد جيل اءِ 70 ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ورهايا ويندا، بطور قوم متحد ٿي ان چئ??ين?? جو مقابلو ڪرڻو پوندو، نيشنل فلڊ ريسپانس ايند ڪوآرڊينيشن سينٽر قومي سطح جي فيصلن ۾ معاونت فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايرا هيڊڪوارٽرز نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ لاڳاپيل ادارا ريسڪيو ريليف ۽ بحالي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم جنهن سومر ڏينهن قمبر شهدادڪوٽ جو دورو ڪيو چيو ته ائين لڳندو هو ته هر طرف سنڌو درياءَ جو پاڻي ڦهليل آهي، صورتحال انتهائي چئ??ين??نگ آهي، ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر بڻايو وي?? آهي جنهن جو مقصد گڏجي ويهي صورتحال تي غور ڪرڻ ۽ مشاورت سان فيصلا ڪري صورتحال جو مقابلو ڪرڻ آهي، هي سينٽر قومي سطح جي فيصلن ۾ معاونت ڪندو. هن چيو ته ٻوڏ جي صورتحال تمام خراب آهي، هيليڪاپٽرز ۽ ٻيڙين ذريعي ماڻهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي سهولت ڏني پئي وڃي پر ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين پهچ نه آهي، ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي ۾ لڙهي ويا آهن، ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ واپس وڃڻ چاهين ٿا، انهن جي پوري زندگي جي هڙ مُوڙِي ختم ٿي وئي آهي، وفاقي حڪومت شروعاتي طور تي 25، 25 هزار رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ورڇ ڪرڻ جي لاءِ 28 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو هو پر ٻوڏ سبب نقصان تمام وڌيڪ آهي جنهن کانپوءِ اها رقم 28 ارب مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪئي وئي آهي جنه?? سان ڪيترائي لک خاندان فائدو کڻندا. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان لکين ايڪڙ فصل تباهه، چوپائي مال ۽ ٻين ملڪيتن کي به نقصان پهتو، چانور ۽ ڪپهه جا فصل ختم ٿي ويا آهن، کجور جي وڻن کي پڻ نقصان پهت?? آهي. وزيراعظم چيو ته صوبا، وفاق ۽ لاڳاپيل ادارا متاثرين جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، هٿياربند فوج ۽ ٻين ادارن جون ريسڪيو ۽ ريليف ڪوششو?? ساراهه جوڳيون آهن، ٻوڏ جي اها صورتحال موسمياتي تبديلي جي اثرن جو نتيج?? آهي، اسان جو سڀ کان وڏو مقصد ماڻهن کي وڌ کان وڌ ريليف پهچائڻ ۽ ريسڪي?? آهي، ا?? سان گڏوگڏ بحالي جو ڪم به شروع ٿي وي?? آهي، بلوچستان ۾ رستا ۽ پليون ٻيهر تعمير ڪيون پيون وڃن، مواصلات ذريعن کي بحال ڪيو پيو وڃي، ڪوئيٽا جي لاءِ گئس پائيپ لائين جي مرمت ڪئي پئي وڃي، ٺوس ڪوشش?? سان ئي ٻوڏ جهڙي وڏي آفت سان پيد اٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، چئ??ين?? وڏ?? آهي تنهن هوندي به مشڪل وقت اسان کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو ڏن?? آهي، بطور قوم متحد ٿي ان چئ??ين?? جو مقابلو ڪرڻو پوندو، گڏجي ڪوششون ڪرڻ سان اسان موجوده صورتحال مان نڪري اينداسين.
ٻوڏ سٽيل علائقن ۽ متاثرين جي بحالي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ