جهلم ويلي – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان جي خصوصي هدايتن تي سڄي آزاد ڪشمير وانگر جهلم ويلي ۾ به باباءِ حريت (شهيد) سيد علي گ??لاني جي پهرين ورسيءَ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جهلم ويلي آفيس ۾ پڻ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر جهلم ويلي سيد فدا حسين ??اظمي ه??. تقريب ۾ سپرنٽينڊنٽ پوليس جهلم ويلي مرزا زاهد حسين، اسسٽنٽن ڪمشنر بٽيان بالا سيد غلام مح?? الدين ??يلاني، ڊي ايس پي ه??ڊڪوارٽرز سردار ظهير کانسواءِ ٻين ??اتن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ صحافين پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر سيد فدا حسين ??اظمي سيد علي گ??لاني جي آزادي جي جدوجهد جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته سيد علي گ??لاني ڪشمير مسئلي جي باوقار حل جو خواهشمند رهيو، هن هر سطح تي ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن خلاف صداءِ احتجاج بلند ڪيو، ان لاءِ هو ڀارتي حڪمرانن جي اکين ۾ کٽڪندو هو، ڀارت طاقتج ي زور تي ڪشميرين ??ي دٻائڻ جي لاءِ سمورا حربا استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ڪشمير جي حوالي سان راءِ شماري جي لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کان مسلسل ڀڄي رهيو آهي.
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي هدايتن تي سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ ملهائي وئي
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری