دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ستان قطر سان روايتي ويجهي سياسي لاڳاپن کي جامع اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هوابازي?? جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، قطر جا سيڙپڪار پا??ستان جي آزاداني ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي زراعت، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آڦيسر منصور بن ابراهيم الحمود ۽ آفريقا ۽ ايشيا پيسفڪ ريجنز بابت چيف انويسٽمينٽ آفيسر شيخ فيصل ثاني الثاني تي ٻڌل قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي دنيا جي سڀ کان وڏي خودمختيار ويلٿ فنڊز مان هڪ آهي. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحه پهچڻ کان فوري پوءِ وزيراعظم جي اها پهرين مصروفيت هئي. ڪابينا جا اهم ميمبر ۽ سينيئر عملدار وزيراعظم سان گڏ هئا. قطر جي امير جي دورانديش قيادت ۾ قطر جي تيز رفتار اقتصادي ترقي کي ساراهيندي وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پا??ستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ روايتي سياسي لاڳاپن کي هڪ جامع اقصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم شمسي توانائي، هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ، هوابازي?? جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مهمان نوازي جي شعبن سميت ??اص طور تي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پا??ستان جي منفرد ۽ جاگرافيائي ۽ آبادياتي فائدن کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ هڪ وڏي وچولي طبقي جي مارڪيٽ ۽ هنرمند افرادي قوت سان پا??ستان جي جاگرافيائي بيهڪ اهميت ??کندڙ آهي. پا??ستان جي آزاداڻي ۽ ڪاروبار دوست سيڙپڪاري جي پاليسين کي اجاگر ڪندي وزيراعظم قطري سيڙپڪارن کي پا??ستان ۾ توانائي، هوابازي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، ميري ٽائيم، سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن قطري سيڙپڪارن تي پڻ زور ڏنو ته اهي علائقائي رابطي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ پا?? چين اقتصادي لنگهه سان پيدا ٿيندڙ موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي کي شفاف ۽ تيزي سان معاملن کي اڪلائڻ جي حوالي سان مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. لاڳاپيل وزارتن پاران پا??ستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي، توانائي?? جهاز راني، هوابازي، مهمان نوازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو ويو. وزيراعظم پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي دلچسپي کي ساراهيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي طرفان نامزد ن??ائندا سيڙپڪاري جي لاءِ اهم تجويزن تي عملدرآمد جي حوالي سان ويجهي رابطو برقرار رکندا. وزيراعظم منصور بن ابراهيم الحمود ۽ شيخ فيصل ثاني الثاني کي پا??ستان جي دوري جي دعوت ڏني. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد پا??ستان کي پنهنجي ترجيح قرار ڏيندي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظ??ار ڪيو.
پاڪستان قطر سان روايتي ويجهي سياسي لاڳاپن کي جامع اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ