اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستاني شهرين جي اڪثريت وزيراعظم ??مر??ن خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي تي يقين رکي ٿي، 62 سيڪڙو شهرين جو مڃڻ آهي ته وزيراعظم ??مر??ن خان جي حڪومت تازي سياسي صورتحال تي ضابطو آڻي وٺندي جڏهن ته 80 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته وزيراعظم ??مر??ن خان جي حڪومت پنهنجو 5 سالا مدو مڪمل ڪندي ۽ ڪي مڊ ٽرم چونڊون نه ٿينديون. پلس (PULSE) ڪنسلٽنٽ وزيراعظم ??مر??ن خان جي پهرين مارچ تي قوم کي خطاب ۽ ريليف جي قدمن، ملڪ جي تازي سياسي صورتحال ۽ مخالف ڌر پاران پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان عوامي راءِ معلوم ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ سروي ڪئي جنهن ۾ 16 کان 55 سالن جي عمر جي ماڻهن کان سوال ۽ انٽرويوز ڪيا ويا جن ۾ ڳوٺاڻي ۽ شهري علائقن جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل هئا. سروي نتيجن موجب هر 10 مان 6 (62 سيڪڙو) ماڻهن ان يقين جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم ??مر??ن خان جي حڪومت تازي سياسي صورتحال تي ضابطو آڻي وٺندي جڏهن ته سروي ۾ شريڪ 10 مان رڳو 2 يعني (23 سيڪڙو) ماڻهن خدشو ظاهر ڪيو ته بي اعتمادي رٿ جي ڪري وزيراعظم ??مر??ن خان جي حڪومت ختم ٿي سگهي ٿي ۽ 15 سيڪڙو ماڻهن ان تي ڪنهن ردعمل جو اظهار نه ڪيو. پلس ڪنسلٽنٽ پاران جاري سروي ۾ چيو ويو آهي ته 80 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته وزيراعظم ??مر??ن خان جي حڪومت پنهنجو 5 سالا مدو مڪمل ڪندي ۽ ڪي مڊ ٽرم چونڊون نه ٿينديون. سروي نتيجن موجب 13 سيڪڙو ماڻهو وچ مدي وارين چونڊن جي توقع رکن ٿا جڏهن ته سروي ۾ شامل 7 سيڪڙو ماڻهن ان تي پنهنجي راءِ جو اظهار نه ڪيو. قوم کي پهرين مارچ تي پنهنجي خطاب دوران وزيراعظم ??مر??ن خان چيو ته سڄي دنيا ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حڪومت ٽيڪس اوڳاڙين ۾ موثر ۽ ڀرپور اضافي جي نتيجي ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي ان فيصلي ۽ تقرير جي حوالي سان جڏهن عوامي راءِ ڄاڻڻ جي لاءِ سروي ۾ سوال ڪيو ويو ته سروي ۾ شريڪ 10 سيڪڙو ماڻهن ان سان مڪمل اتفاق ڪيو جڏهن ته 42 سيڪڙو جزوي متفق هئا. اهڙي طرح وزيراعظم جي دعويٰ سان اتفاق ڪند??ن جي شرح 52 سيڪرو رهي آهي. وڌيڪ اهو ته 42 سيڪڙو ماڻهن وزيراعظم جي دعويٰ سان عدم اتفاق ڪيو. وزيراعظم ??مر??ن خان پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي جي قدم جي حوالي سان 8 سيڪڙو ان کي وڏو ريليف ۽ 41 سيڪڙو مناسب ريليف قرار ڏنو، اهڙي طرح پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي فيصلي تي مجموعي طور تي 49 سيڪڙو ماڻهن اطمينان جو اظهار ڪيو، 48 سيڪرو شرڪت ڪند??ن جو چوڻ هو ته ان سان ڪو وڌيڪ اثر نه پوندو جڏهن ته 3 سيڪڙو ڪا راءِ نه ڏني. بجلي جي في يونٽ ۾ 5 رپين جي گهٽتائي جي حوالي سان پ?? سروي ۾ شرڪت ڪندڙن گڏيل سڏيل ردعمل جو اظهار ڪيو. سروي نتيجن موجب 9 سيڪڙو ان کي هڪ وڏو ريليف ۽ 42 سيڪڙو بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي کي مناسب ريليف قرار ڏنو. اهڙي طرح بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي فيصلي تي اطمينان ۽ ريليف جو اظهار ڪند??ن جي مجموعي شرح 51 سيڪڙو رهي آهي جڏهن ته 47 سيڪڙو چيو ته اهو ڪو ايترو وڏو ريليف نه آهي. احساس مالي معاونت جي پروگرام ۾ 2 هزار جي اضافي سان مالي معاونت 14 هزار رپيا ڪرڻ بابت سروي جي 63 سيڪڙو شرڪت ڪندڙن اطمينان جو اظهار ڪيو جن ۾ 32 سيڪڙو مڪمل ۽ 31 سيڪڙو جزوي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف 32 سيڪڙو ماڻهن ان اضافي سان مڪمل عدم اتفاق ڪيو ۽ 5 سيڪڙو ڪنهن راءِ جو اظهار نه ڪيو. پنجاب صوبي ۾ صحت انصاف ڪارڊ ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان سوال تي سروي نتيجن موجب پنجاب جا 66 سيڪڙو ماڻ??و ڀرپور مطمئن آهن جڏهن ته 29 سيڪڙو عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ 6 سيڪڙو شرڪت ڪندڙن ڪنهن راءِ جو اظهار نه ڪيو.
پاڪستاني شهرين جي اڪثريت وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي تي يقين رکي ٿي: پلس سروي
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados