اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي ۽ مجموعي ملڪي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي حوالي سان اهم معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جو آئيني طريقي سان جواب ڏينداسين، مخالف ڌر کي عدم اعتماد جي رٿ ۾ ڪڏهن به ڪاميابي نه ملندي. هن چيو ته سمورا اتحادي اسان سان گڏ آه?? ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪن ٿ??. چوڌري ف??اد حسين چيو ته اسان وٽ مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جو دفاع ڪرڻ جي پوري صلاحيت موجود آه??، پي ڊي ايم جي پنهنجي صفن جي اندر ٻڌيءَ نه آه??.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری