اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ٽانڪ ۽ مير علي ۾ دهشتگردن جي خ??اف آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ دشمن عنصر ڪڏهن پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. پوري قوم دهشتگردي جي خ??اف متحد آهي. هن چيو ته دهشتگرد امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته اسان ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته پوري قوم پاڪستاني فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پاڪستان جي ترقي سان ملڪ دشمن قوتون خفا آهن، هن چيو ته دهشتگردي جا واقعا اسان جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ امن قائم ڪر?? لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيو?? رائيگان نه وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري.
سينيٽ چيئرمين پاران اهلڪارن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa