اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي قيام جو وڏو مقصد اقليتن جي حقن جو ??حفظ هو، قائداعطم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي ??ئين ساز اسيمبلي کي خطاب ۾ واضح ڪيو هو ته پاڪستان جي رياست ۾ اقليتن جي حقن کي مڪمل تحفظ حاصل هوندو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ ڪرسمس جي تق??يب کي خطاب ڪندي اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪ??سمس جي دلچسپ ۽ زبردست تاريخ آهي، هر نئين صدي ۾ ڪرسمس ۾ نوان رنگ ڀرجندا ويا، ڪرسمس کي سدائين خوشين جو ڏڻ تصور ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جو ??هم ڪردار آهي، پاڪستان جي مستقبل ۾ اقليتن جي ڪردار کي وڌيڪ ساراهيو ويندو، هن چيو ته اهڙي طرح جي تق??يبن جو ??نعقاد ان لاءِ به ضروري آهي ته ماڻهن کي ٻڌائي سگهجي ته رياست ۾ سڀني اقليتن جا ماڻهو شامل آهن. اط??اعات واري وزير اط??اعات واري وزارت ۽ اي پي پي ۾ ڪرسمس جي تق??يب جي انعقاد کي ساراهيندي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي خوشين جي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي ??طلاعات واري وفاقي وزير ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي ملازمن ۾ سوويئنرز به ورهايا، تق??يب ۾ اط??اعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسين، انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل سيد جاويد، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب، مسيحي ملازمن ۽ سندن گهرڀاتين سميت ٻيا به موجود هئا.
پاڪستان جي قيام جو وڏو مقصد اقليتن جي حقن جو تحفظ هو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais