ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??اڪ??تان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ٻط??في واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون جي فروغ لاءِ اقتصادي حصيداري وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??اڪ??تان ۽ سريلنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ??اڪ??تان آئنده به سريلنڪا جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪا جي صدر گوتابايا راجا ??اڪ??ي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڪولمبو ۾ ايوان صدر ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي به ??الهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي. وزيراعظم عمران خان ??اڪ??تان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ اعتماد، هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون جي بنياد تي هموار لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ٻط??في واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون جي فروغ جي ذريعي اقتصادي حصيداري وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو، وزيراعظم ??اڪ??تان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ خاص طور زراعت، سياحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، راند، تعليم ۽ ثقافت سم??ت مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون تي زور ڏنو ۽ غربت جي خاتمي لاءِ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي اهيمت به بيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان ۽ سريلنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، هن مستقبل ۾ به سريلنڪا جي لاءِ ??اڪ??تان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان ۽ سريلنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر