اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم اسلاموفوب??ا ۽ ناموس رسالت ﷺ تي صاف موقف، عالمي فورمز تي ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ، مل??ي تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت حڪومتي قدمن کي 22 ڪروڙ عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پي ٽي وي ۽ ٻين رياستي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) قومي ادارو آهي ان جي وقار جي بحالي اولين ترجيح آهي. هو پي ٽي وي ۾ پي ٽي وي جنرل مينيجرز اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ماضي جا ناظرين واپس آڻڻ پي ٽي وي جي سمورن چئنلن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته پهريون ڀيرو غريب، بي سهارا ۽ پوئتي پيل طبقن جي لاءِ احساس پروگرام، ڪام??اب جوان پروگرام، لنگر خانا ۽ پناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن، ماضي جي حڪومتن ۾ اهڙي ڪا روايت نٿي ملي، ا??ان کي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جي منصوبن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻي آهي.
ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت حڪومتي قدمن کي عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پي ٽي وي ۽ ٻي رياستي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام