اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) ناڻي، ا??ڳاڙين ۽ اقتصادي معاملن واري وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ فيڊرل بورڊ آف روينيو کي اثاثن کي منظرعام تي آڻڻ جي لاءِ ??ئين تجويز ڪيل اسڪيم کي وڌيڪ پرڪشش ۽ ٺوس بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن رسمي معيشت کان ٻاهر رهجي ويل وڌ کان وڌ ماڻهن کي ملڪي معيشت جو حصو بڻائي سگهجي. هن اها هدايت اثاثن کي منظرعام تي آڻڻ جي اسڪيم (ايسٽس ڊڪليئريشن اسڪيم) جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ٽيڪسٽائيل واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري جي لاءِ ??زيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، ا??ڳاڙين واري مملڪتي وزير حماد اظهر، ا??ف بي آر چيئرمين ۽ بزنس، اڪائونٽنگ ۽ بئنڪنگ جي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa