اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي پارليامينٽ گڏيل قرارداد جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ?? 26 ۽ 27 فيبروري تي پاڪستان جي خلاف ڀارتي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي ڀارتي دع??ائن کي مڪمل طور تي رد ڪيو ويو آهي ۽ چيو آهي ته سڄي پاڪستاني قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺي آهي، پاڪستان 27 فيبروري تي پنهن??ي دفاع جي حق، عزم ۽ صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران سڀني سياسي پارٽين جي مشاورت کانپوءِ پيش ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل اجلاس 26 ۽ 27 فيبروري تي ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو جيڪو گڏيل قومن جي پڌرنامي، عالمي قانونن ۽ رياستن جي وچ ۾ قد??ن جي سخت خلاف ورزي آهي.
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania