پشاور – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ??يو آهي ته نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو، انقلاب ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر رڳو ڪم سان اچي ٿو، ماضي ۾ منصوبن جا اعلان ۽ سنگ بنياد رکيا ويندا هئا جڏهن ته منصوبا مڪمل نه ٿيندا هئا، اسان جي حڪومت جيڪو منصوبو شروع ڪيو اهو مڪمل ڪيو، موجوده حڪومت هزارين ڪلوميٽر موٽرويز ۽ 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي جڏهن ته نيشنل انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، نوجوانن کي روزگار ملندو ته انتهاپسندي جو خاتمو ٿيندو. هو پشاور ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ??يو ته پبلڪ پرائيويٽ حصيد??ري ۾ قائم اد??ري جو افتتاح هن علائقي ۽ آءِ ٽي جي لاءِ سنگ ميل ثاب?? ٿيندو. هي انڪيوبيشن سينٽر پائليٽ پراجيڪٽ آهي. هن ??يو ته هزارين ڪلوميٽر موٽرويز، 10 هزار ميگاواٽ بجلي جي پيداوار، اربين ڊالر جي سيڙپڪ??ري جا منصوبا مسلم ليگ (ن) جي موجوده دور ۾ مڪمل ٿيا يا ج??ري آهن جڏهن ته انڪيوبيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو وڌيڪ اهم آهي، ان سان نوجوانن کي مستقبل جي رهنمائي ملندي.
نوجوانن جو روزگار جو مسئلو آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب سان حل ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی