اشڪ آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششن جي لاءِ پاڪست??ن جي پڪي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان امن عمل ۾ سهولت لاءِ سنجيده ڪوششون جاري رکندو، افغان حڪومت جي قيادت ۾ سياسي ڳالهين ذريعي حل افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ بهترين آپشن آهي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن اشڪ آباد ۾ پائيدار ٽرانسپورٽ بابت عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي افغانست??ن جي صدر اشرف غني سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مستحڪم ڪرڻ ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام بابت ڪوششن جي حوالي سان خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪست??ن جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ افغانستان سان ٻطرفن سياسي رابطن، سيڪيورٽي تعاون، واپار، لنگهه ۽ عوام جي وچ ۾ ر??بطن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے