تهران-19 نومبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسان جي ائٽمي ٺڪاڻن تي ڪنهن به قسم جي حملي جو فوري ۽ سخت جواب ڏنو ويندو .العربيه اردو م??جب ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته اسان جي ملڪ پنهنجي مفادن ?? پر امن ائٽمي ??نعت جي دفاع لاءِ ضروري قدم کنيا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جيو ٺهراءُ 533 ائٽمي ٺڪاڻن خلاف ڪنهن به ڌمڪي يا طاقت جي اس??عم??ل ڪرڻ کان منع ڪري ٿو، جيڪو عالمي ??ئٽمي ??وانائي ايجنسي جي نگراني سان مشروط آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهو هڪ واضح دستاويز آهي. اهو فيصلو صرف طاقت جي اس??عم??ل يا ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا روڪڻ تائين محدود ناهي پر ان ۾ مملڪت جي پر امن ائٽمي ٺڪاڻن خلاف طاقت جي اس??عم??ل جي خطري کي روڪڻ به شامل آهي. هن چيو ته ان ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اهڙن معاملن ۾ دخل اندازي ڪرڻ جي پابند آهي. هن اعلان ڪيو ته ملڪن جي پر امن ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ وارو ڪو به حملو يا خطرو عالمي ??من ۽ سلامتي لاءِ خطرو يا خلاف ورزي تصور ڪيو ويندو آهي. اسماعيل بقائي چيو ته ان مسئلي لاءِ مينڊيٽ واضح آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي اهڙن خطرن جي حوالي سان فيصلاتي ۽ واضح موقف ا??تيار ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه طرف ا??ارو ڪندي چيو ته ايران پنهنجي مفادن ?? پنهنجي پر امن ايٽمي ??نعت جي دفاع لاءِ ضروري قدم کنيا آهن. انهن ٺڪاڻن جي خلاف ورزي جي ڪنهن به ڪوشش جو ايران جي حقن ۽ فائدن جي تحفظ لاءِ سخت موقف ا??تيار ڪيو ويندو.
ائٽمي ٺڪاڻن تي ڪنهن به حملي جو فوري ۽ سخت جواب ڏنو ويندو: ايران
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں