ٽوڪيو-02 جنوري (اي پي پي) جاپان ۾ گذريل ڏينهن 7.6 جي شدت جي زلزلي سبب 30 ماڻهو فوت ٿي ويا. شنهوا مقامي عملدارن جي حوالي سان ٻُڌايو ته سينٽرل جاپان ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ شديد زلزلي کان پوءِ اشيڪاوا تي پريفيڪچر عمارتون ڪِرڻ ۽ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گ??ٽ 30 ڄڻا ??جل جو شڪار ٿيا آهن. زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون پڻ ڊهي پيون. رستن ۾ ڏار پئجي ويا ۽ رهائشي علائقن ۾ باهه لڳي وئي ۽ اٽڪل 36 هزار گهر بجلي جي سهول?? کان محروم ٿي ويا آهن. مشهور سياحتي ماڳ وجيما مارننگ مارڪيٽ جو وڏو علائقو باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويو، جنهن سبب 200 ??مارتون باهه هيٺ رهيون. جاپان جو سيلف ڊفينس فورس زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهي.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ