گڏيل قومون-03 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل فلسطين مسئلي تي اعليٰ سطحي اجلاس 23 جنوريءَ تي ٿيندو. روسي خابرو ا??اري مطابق سلامتي ڪائونسل جي جنوريءَ ۾ صدارت ڪندڙ ملڪ فرانس جي مستقل نمائندي نيڪولس ڊي ريوير پريس ڪانفرنس دوران ٻُڌايو ته 23 جنوريءَ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو ا??ليٰ سطحي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ فلسطين سان گڏوگڏ خطي جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اجلاس ۾ وچ اوڀر جي ملڪن سوڌو ڪيترائي وزير شرڪت ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي غزه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي ۽ فسلطين ۽ اسرائيل تڪرار جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ گه??جي. فرانس جي ايلچي ??يو ته اسان شهرين جي حفاظت جا پابند آهيون. غزه ۾ ترسيل 20 لک شهري جن ۾ ٻارڙا، پيرسن ۽ عورتون شامل آهن، اهي سڀ دهشتگرد ناهن. هن چيو ته رفح ۽ ڪريم شالوم ڪراسنگ غزه کي ضروري انساني ام??اد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن. ان مسئلي جي حل لاءِ قبرص کان ام??اد فراهم ڪرڻ لاءِ سامونڊي راهداري کولڻ گه??جي.
فلسطين مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جو اعليٰ سطحي اجلاس 23 جنوريءَ تي ٿيندو: فرانس جو نمائندو
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک